اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ??هي ته پاڪستان سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو ??يڪو افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي ل??ءِ طلب ڪيو وي?? هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي ??وٽ ڪيو ??ه پاڪستان افغانستان ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ??هي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو وي?? ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني وي??دڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ان عزم کي ورجايو ??ه پاڪستان افغانستان ۾ سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي ل??ءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو وي?? ته پاڪستان عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي ل??ءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو وي?? ته افغانستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ??ه هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو وي?? ۽ افغانستان ۾ سمورين ڌرين تي زور ڏنو وي?? ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن افغانين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي ل??ءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي ??اڪستان جي موقف کي ورجايو ??ه افغانستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان افغانستان ۾ موجود هئي. افغانستان ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ??ه عالمي برادري جي ل??ءِ هي وقت آهي ته اها افغانستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.