اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊ??ٽا ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پاڪستان ۾ اسان پهريون ??يرو اهڙيون شفاف چونڊون ??رائينداسين جنهن جا نتيجا سڀني جي لاءِ قابل قبول هوندا، حڪومت جو اصل ڪم شهرين جي زندگي آسان ڪرڻ آهي. وزيراعظم عمران خان نادرا هيدڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم نادرا جي نئين موبائيل رجسٽريشن وين منصوبي جو افتتاح ڪيو. دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ايلين رجسٽريشن ڪارڊ، ??اڪ ڪووڊ – 19 موبائيل ويڪسينيشن پاس، قومي تصديق ۽ تجديد مهم ۽ نئين نادرا رجسٽريشن سينٽرز/ نئين موبائيل رجسٽريشن وين جي قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي نادرا جي نيشنل ڊ??ٽا ويئر هائوس ۽ آپريشن روم جو به دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چيو ته ايلين رجسٽريشن ڪارڊ جاري ڪرڻ سان غير ملڪين کي ڪاروبار جي باضابطه ڌارا ۾ شامل ڪري سگهبو، پاڪستان ۾ رهندڙ 30 لک افغان پناهگير آهن جنهن جي لاءِ نادرا جي ڊ??ٽا هجڻ اهميت رکندڙ آهي. انهن قدمن سان افغان پناهگيرن سميت ٻيا غير رجسٽرڊ ماڻهو قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهندا. اهي بئنڪ اڪائونٽ کولرائي سگهندا جڏهن ته ڪاروبار به ڪري سگهندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جو اصل ڪم شهرين جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، ڊ??ٽا ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري پهريون ??يرو پاڪستان ۾ اسان اهڙيون ??ونڊون ??رائينداسين جنهن جا نتيجا سڀني لاءِ قابل قبول هوندا. نادرا جي ڊ??ٽا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن سان ڳنڍي اسان 21 هين صدي جون بهترين چونڊون ??رائينداسين، انهن قدمن سان جعلي ووٽ ۽ ٽپي سسٽم جو خاتمو ٿيندو.