اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا ??هي??ن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان چئنلز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ط??ف وڃي رهيا ??هي??ن، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چيو ته پاڪستاني چئنلز عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ملڪي نيوز چئنلز تي صرف ملڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا ??هي??ن، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم ??هي??ن.