اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، مافياز چاهي ٿي ته اها قانون کان م??انهين رهي، آبادگارن وٽ ايترو پئسو اچي ويو آهي جو انهن وڏي تعداد ۾ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ورتا آهن ۽ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽريڪٽر وڪرو ٿيڻ جو رڪارڊ گذريل سا?? قائم ٿيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لاءِ قائم ٿي آهي، قانون جي سا??هون سڀ برابر آهن، مخالفن کي خوف آهي ته ڪٿي حڪومت ڪامياب نه ٿي وڃي، کين پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي ان لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، صحت ڪارڊ تمام وڏو انقلاب آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪنداسين، صنعت ۽ زراعت کي 50 سا??ن کانپوءِ مٿي کڻي رهيا آهيون، آبادگار ڪارڊ سا?? عام آبادگارن جي زندگي بدلجي ويندي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي سڌو سنئون سبسڊيز ڏينداسين ۽ کين غربت مان ڪڍنداسين، اهڙا سڌارا متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته سول ڪيسن جي فيصلا هڪ سا?? ۾ ٿين ۽ عام ماڻهن کي انصاف ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نوڪنڊي ماشڪيل شاهراهه جي تعمير جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به ان م??قعي تي موجود هو. و??ير??عظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان جي ترقي سا?? پاڪستان کي ثمر حاصل ٿيندا، بلوچستان ۾ بهتر مواصلاتي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي فيڊريشن جي مضبوطي ان سا?? لاڳاپيل آهي، هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪئي ويندي، ان رستي جي تعمير سا?? بلوچستان ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو. و??ير??عظم چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته پهريون سا?? مالياتي مشڪلاتن ۾ گذريو، ڪنهن به حڪومت کي ايترو وڏو مالياتي خسارو ۽ معاشي مسئلا ورثي ۾ ناهن م??يا، معاشي صورتحال اهڙي هئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو هو ۽ جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ها ته غير ملڪي بئنڪن سا?? اسان جا رابطا ختم ٿي وڃن ها، روپئي جو قدر وڌيڪ ڪِري وڃي ها ۽ وڏي مهانگائي ٿي وڃي ها. و??ير??عظم چيو ته ان کانپوءِ ڪورونا جو بحران اچي ويو، ڪو به ملڪ ڪورونا جي صورتحال کي اهڙي طرح منهن نه ڏنو جهڙي طرح پاڪستان، ڀارت ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اسان وڏي مشڪل وقت مان گذري ويا آهيون ۽ جيڪڏهن اسان ايس او پيز تي عمل ڪيو ته صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي ويندي. و??ير??عظم چيو ته جيڪا مافياز اسان جي مخالف آهي انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان ڪامياب نه ٿي وڃون، ڪي پي ڪي ۾ اسان اتحادي حڪومت ۾ هئاسين، ڪي پي ڪي جي عوام ٻيو ڀيرو ڪڏهن ڪنهن کي اقتدار ناهي ڏنو پر اسان جي حڪومت نه رڳو ٻيهر اقتدار ۾ آئي پر خيبرپختونخوا جي عوام اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني جڏهن ته اسان جا مخالف سياسي پارٽين جو برو حال آهي، انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان پوري ملڪ ۾ ڪامياب نه ٿي وڃون ان لاءِ اهي گوڙ ڪري رهيا آهن ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، حقيقت ۾ انهن کي پنهنجو سياسي موت نظر اچي رهيو آهي،