اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿ??نهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنه??جي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ??لا?? دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪندي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.