اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ??من ۽ استحڪام چاهي ٿو، پر??من ۽ مستحڪم افغانستان واپار جون نيون راهون کوليندو، پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ سموريون ڌريون گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان وحدت اسلامي افغانستان جي اڳواڻ استاد ڪريم خليلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان ??من عمل تي اڳڀرائي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي جي ٺوس حل جي لاءِ بين الافغان ڳالهين واري عمل کي اڳتي و??ائڻ لازمي آهي. مسلسل ٽڪراءُ سان افغان عوام بري طرح متاثر ٿي. اسان افغانستان سان واپار ۽ معيشت سميت ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري چاهيون ٿا.