اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب موت جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪومت طرفان وبا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن آهيان پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ اح??يا?? ڪري. نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال جي ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽرز آهن، جيڪڏهن ماڻهو اح??يا?? ڪن ته ڪورونا خلاف جنگ تيزي سان کٽي سگ??جي ٿي، ٻي صورت ۾ حڪومت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.