گڏيل قومون – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پاڪس??ان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪر?? جي حوالي سان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪس??ان عمران خان بائيو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين متنوع آهي، پاڪس??ان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، پاڪس??ان جي اتر ۾ بلند ترين جابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسواءِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽ?? به موجود آهي.