اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برس??تن سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي مشڪل??تن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن ج?? مستقل حل لاءِ ??لد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين ج?? پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ??ين ڊي ايم اي چيئرم??ن کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثر??ن کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن ج?? فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.