ڪراچي – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايوان صدر ۾ بجلي جو نظام شمسي توان??ئي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايوان صدر جي انتظاميه ۽ نجي ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ موجود هو، صحيحون نجي ڪمپني جي سي اي او شميم احمد ۽ ايوان صدر جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد شوڪت ڪيون، ايوان صدر جي بجلي جي نظام کي ??مسي توان??ئي تي منتقل ڪرڻ سان بجلي جي بل جي مد ۾ ادا ٿيندڙ رقم کي ??چ??ئي سگهبو، تقريب کي ??طاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته توان??ئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ متبادل توان??ئي حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 59 لک خاندانن جي مدد ڪئي وئي جنهن مان کين ڪورونا جي وقت مشڪل حالتن ۾ بيروزگاري جي باعث ذهني سڪون ميسر آيو.