اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاط?? مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبل?? جي ترجمان موجب اسپيڪر افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پا??يس???? جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي?? پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان خط?? جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪار?? جي ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ??يم??ر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.