اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان معيشت، واپار، سائنس، ٽيڪنالاجي، ثقافت، تعليم، سيڪيورٽي، دفاع ۽ علائقائي تعاون جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تذويراتي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان ??ي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان ??سلامي تعاون تنظيم جي ڪوششن جي حمايت ۽ ان ڏس ۾ جنرل اسيمبلي ۾ تعاون، افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته غيرملڪي بئنڪن ۾ افغان ??خيرن کي منجمند نه ڪرڻ تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن سمورن علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران ??ان ??ي دعوت تي ازبڪستان ??ي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان ??ي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنه?? اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور ۽ واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت، تعليم، سلامتي، دفاع ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون تي خصوصي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ صديون پراڻا تاريخي، مذهبي، ثقافتي ۽ سائنسي لاڳاپن ۽ اڳ کان ??ئي ٿيل معاهدن جي بنياد تي سمورن شعبن ۾ تزويراتي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ تزويراتي حصيداري جي معاهدي جو فيصلو ڪيو. ٻنه?? اڳواڻن گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ جي اندر رهندي عالمي فورمن تي رابطن کي تيز ڪرڻ سميت عالمي ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن گڏيل موقف رکندڙ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي عالمي ۽ علائقائي فورمن تي گڏيل تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران ??ان ??زبڪستان ??ي صدر کي 2022ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي فورمن ۾ ازبڪستان ??ي لاءِ پاڪستان ??ي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 2022ع جي وچ ۾ شنگهائي تعاون تنطيم جي سربراهي اجلاس جو انعقاد شامل آهي. ازبڪستان ??ي صدر شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ازبڪستان ??ي سربراهي دوران ??ربت جي خاتمي جي طريقيڪار جوڙڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي قدمن تي تعاون جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ٻطرفا سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه جي آجيان ڪندي ٻنه?? اڳواڻن ان ??نگ ميل کي مناسب طريقي سان ملهائڻ تي اتفاق ڪيو. ازبڪ صدر ان موقعي تي نئين ازبڪستان ??ي حڪمت عملي تي پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته سڌاراجاتي عمل جو مقصد ازبڪستان ۽ پوري خطي جي ماڻهن جا سماجي ۽ اقتصادي مفاد آهن، ان ??ڪمت عملي ۾ اقتصادي سفارتڪاري کي مض??وط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڏکڻ ايشيا خاص طور تي پاڪستان ??ان موجوده لاڳاپن کي تزويراتي حصيداري جي نئين سطح تي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، سماجي ۽ اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان ????وم?? جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران ??ان ??ماجي انصاف ۽ معاشي تحفظ تي ٻڌل نئون پاڪستان ??ي پنهنجي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??و بنيادي زور جاگرافيائي سياست کان ??يو اڪنامڪس طرف منتقل ٿي ويو آهي. وزيراعظم غربت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام جا تفصيل ٻڌايا. هن چيو ته پاڪستان ??و قومي صحت ڪارڊ پروگرام شهرين جي لاءِ ميڊيڪل مائيڪرو انشورنس جي شعبي ۾ پهريون قدم آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنه?? اڳواڻن پاڪستان ??ي وچ ايشيا ويزن جي 5 اهم ٿنڀن جي اندر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن سان گڏوگڏ اداراجاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا تي اطمينان ??و اظهار ڪندي ٻنه?? اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ڪسٽمز، فوجي تعليم، ثقافت ۽ سياحت سان گڏوگڏ ويزا جي سهولت جي شعبن ۾ مثبت معاهدن جو گرمجوشي سان ??ڪر ڪيو. ٻنه?? اڳواڻن پارلياماني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، پاڪستان ??ي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ جمهوريه ازبڪستان ??ي اولي مجلس جي قانونساز ۽ چيمبر ۽ سينيٽ جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي بين الپارلياماني گروپس جي مٽاسٽا ۽ ملاقاتن تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران نوٽيس ۾ آيو ته گذريل 5 سالن دوران ٻطرفي واپار ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو ۽ وبائي مرض ڪورونا جي باوجود گذريل سال ان ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٻنه?? اڳواڻن ازبڪستان ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ ترجيحي معاهدي تي صحيحن ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي جي نفاذ جي آجيان ڪئي. اهي معاهدا ٻطرفن واپاري لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات جي علامت آهن ۽ گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. پڌرنامي موجب ٻنه?? اڳواڻن واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون تي ازبڪ – پاڪ بين الح??وم??ي ڪميشن جي ستين اجلاس، ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٻئي دور، گڏيل بزنس فورم ۽ 28 فيبروري تي ٿيندڙ بزنس ڪائونسل جي چوٿين اجلاس جي آجيان ڪئي. هنن ٽيڪسٽائيل، فارماسيوٽيڪل، تعميراتي مواد، بئنڪنگ ۽ فنانس، ڪيميڪل انڊسٽري ۽ ٻين شعبن ۾ مفاهمت جي آجيان ڪئي. بنه?? اڳواڻن رابطي جي ايجنڊا ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هنن متفقه ڪنيڪٽويٽي ڪوريڊور جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ، توانائي جي پائيپ لائينز ۽ خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي آڇ جي ذريعي واپاري رابطن جي توسيع کي ٻنهي ملڪن ۽ خطي جو مفاد قرار ڏنو. ٻنه?? اڳواڻن خطي جي مستقبل جي لاءِ ترمذ، مزار شريف، ڪابل، پشاور ريلوي منصوبي جي اهم ڪردار جي توثيق ڪئي جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ ۽ ٻنهي طرفن تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن تسليم ڪيو ته ٽرانس افغان ??يلوي منصوبو وچ ايشيا کي پاڪستان ??ي ڪراچي، گوادر ۽ قاسم بندرگاهن سان ڳنڍيندڙ سڀ کان وڌيڪ اقتصادي ۽ مختصر ترين رستو آهي. ٻنه?? اڳواڻن هوائي، ريل ۽ رستي رابطي جي شعبي ۾ تعاون کي مض??وط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. سلامتي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون جي مسلسل ترقي تي اطمينان ??و اظهار ڪندي ٻنه?? اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ڳالهين ۽ تعميري تعاون کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ عملي جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فوجي مشقون، تربيت ۽ پيشيواراڻي ماڻهن جي مٽاسٽا شامل آهي. هنن سيڪيورٽي تي ازبڪستان پاڪستان گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي جنهن جو پهريون اجلاس 2 نومبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم عمران ??ان ۽ صدر شوڪت مرزايوف گڏيل ثقافتي ورثي ۽ صديون پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو احاطو ڪيو ۽ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ان ??لسلي ۾ هنن اسلام آباد ۾ ظهيرالدين محمد بابر جي زندگي تي پهريون گڏيل سيمين??ر منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن گڏيل ثقافتي ۽ ميڊيا منصوبن ج?? اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن ۾ پاڪستاني سيريلز جو ازبڪ زبان ۾ ترجمو ۽ بابر تي گڏيل پروڊڪشن شامل آهي. ٻنه?? اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي ناليوارن تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعاون کي مض??وط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. اڳواڻن سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي ترقي کي ساراهيو ۽ مذهبي زياراتي سياحت جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت ۽ ڪاروباري رابطن کي آسان ??ڻائڻ جي لاءِ ”تاشقند – لاهور“ ۽ ”اسلام آباد – تاشقند“ جي روٽس تي باقاعده اڏامون شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. قائدين اسلامو فوبيا جي مسلسل رجحان ??ي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ڪوششن جي حمايت ڪندي ڌرين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو. ازبڪستان 2025 – 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پاڪستان ??ي بطور اميدوار پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنه?? اڳواڻن افغانسان کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام رابطي جي ايجنڊا ک?? اڳتي وڌائڻ ضروري آهي جيڪو علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندو. افغانستان کي اقتصادي امداد جي اهميت ۽ افغان ??يرملڪي بئنڪن جي ذخيرن کي منجمند نه ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ازبڪستان ??ي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان ??ا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران ??ان ??زبڪ صدر کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ هن وقت ڳڻتي ۽ اهم مسئلا شامل آهن. ٻنه?? اڳواڻن سمورن پراڻن علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران ??ان ۽ پاڪستاني عوام جا ذاتي طور تي ۽ ازبڪ وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ انهن جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران ??ان کي مناسب وقت تي ازبڪستان ??و سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.