بيجنگ – 30 مئي (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ چين عرب رياستن جي سهڪار جي فورم کي خطاب ۾ عرب دنيا سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. رائٽرز جي رپورٽ مطابق چيني صدر بحرين، مصر، گڏيل عرب امارتن ۽ تيونس جي سربراهن سان گڏو گڏ عرب ليگ جي ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي هن فلسطيني ڪاز لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا جن ?? فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اي?? آر ڊبليو اي) کي 30 لک ڊالر جو عطيو ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ سهڪار جو واعدو پڻ شامل آهي. چيني صدر پنهنجي ملڪ طرفان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيا?? ۽ ??ن لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي حمايت جو پ?? ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غزه تي اسرائيل ??ي جنگ اڻڄاڻايل مدي تائين جاري نٿي رهي سگهي ۽ وچ اوڀر جي ان مسئلي جو ٻه رياستي حل اڻٽر آهي.