اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ار?? صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت مالياتي ڊسپلين کي قائم رکندي سخت انداز ۾ حڪوم??ي خرچن کي گهٽ ڪيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلنس مثبت ٿي ويو آهي، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، انهي ويزن تحت حڪومت احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس آمدني ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪڏهن وبا نه پکڙجي ها ۽ اهڙي طرح ئي معاملا هلن ها ته ٽيڪس آمدني ۾ 27 سيڪڙو اضافي جو امڪان هو، اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ ۾ 750 کان وٺي 800 ارب رپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح منفي ٻُڙي ڏهائي چار س??ڪڙو رهي، صنعت جي ترقي به منفي ٻه ڏهائي چار س??ڪڙو آهي، زراعت ٻه ڏهائي ڇهه سيڪڙو، خدمتن جو شعبو منفي ٽي ڏهائي چار س??ڪڙو، ٽرانسپورٽ منفي ست ڏهائي هڪ سيڪڙو ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي ڪارڪردگي منفي ٻاويهه ڏهائي نو سيڪڙو رهي، مالي خسارو جي ڊي پي جو چار س??ڪڙو رهيو. قومي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي واپار ??ار?? صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اقتصادي معاملن ??ار?? وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ پيداوار ??ار?? وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ايف بي آر جي چيئرپرسن نوشين جاويد امجد ۽ ناڻي ??ار?? سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اقتصادي بحران ورثي ۾ مليو هو، اقتدار س??ڀالڻ وقت روانگي واپار ۾ جمود هو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا رڳو 9 ارب ڊالر رهجي ويا هئا، حڪومت جي لاءِ معيشت کي هلائڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان تي قرضن جو بار 30000 ارب رپين تائين پهچي ويو. انهن مشڪل حالتن ۾ حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکندي مشڪل فيصلا ڪيا، حڪومت روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان ڏنو، ان مقصد جي لاءِ روانگي واپار جي شعبي کي مراعتون ڏنيون ويون.