اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿ??ي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان ??و ڏهاڙو ملهائيندي ا??ان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ا??ان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ??ان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي تشخص کي وڌائڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده هندستان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.