اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڀارت ۾ بيهي پاڪستان سان دوستي جو اظهار هڪ و??ي اڳڀرائي آهي، ڀارت ۾ بيهي ٽرمپ جو دهشتگردي جي خلاف اسان جي مثبت ڪردار جو اعتراف ڪرڻ سان ڀارتي بيانيو دفن ٿي ويو، ٽرمپ جو بيان امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوش??ن جو چٽو ثبوت آهي، مودي خطي ۽ ڀارت ۾ نفرت، تعصب ۽ جنگ جي باه?? ڀڙڪائڻ بدران دوستي جي پيغام ۽ ان جي طاقت کي سمجهي.