اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ريڊيو ليب ??و پيڙهه جو پٿر رکڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ليب ??و پيڙهه جو پٿر رکڻ تي هو خوشي محسوس ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته ان قدم جو مقصد سستي سنيما رسائي متعارف ڪرائي پاڪستان ۾ مووي ميجڪ جي رونق بحال ڪرڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان هر پاڪستاني کي عالمي معيار جي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ فلمي تفريحي صنعت ۾ نئين روح وجهڻ ۽ جدت طرازي لاءِ نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو، پاڪستان ??ي موسيقي جي ڌنن ??ي ميپنگ ۽ عالمي معيار جي پو?? ڪاسٽ اسٽوڊيوز جو سڄي پاڪستان ۾ آغاز ڪري رهيو آهي.