اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بي??اروس ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شموليت سان ٽه ڌريي واپاري نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بي??اروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بي??اروس ۽ پاڪستان پرامن ذريعن جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڪنهن ٽئين ملڪ کي شامل ڪري پنهنجي واپاري حيثيت کي سگهه ڏئي سگهن ٿا. هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان پنهنجي ڳالهين کي انتهائي تعميري قرار ڏيندي چيو ته اهي ڳالهيون گذريل سال پاڪستان جي ??ند?? دوري دوران رکيل دوستي جي بنياد کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي مرڪوز رهيون. هن چيو ته بي??اروس پاڪستان کي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان گڏوگڏ لاڳاپن ۾ درپيش مشڪل وقت کا?? آگاهه آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته ڊيئر شريف توهان بي??اروس جي موقف کا?? آگاهه آهيو جيئن ته هو مسئلي جو پرامن حل جو خواهشمند آهي.