اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملداري جي لاءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر ??ري?? ميڊيا ڪارڪنن کي قانوني دادرسي جو حق ڏيڻ اسان ج?? فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ج?? موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، ??ري?? ميڊيا ڪارڪن ۽ پبلڪ انٽرسٽ ٽنهي جو تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قر??ر ڏيڻ ۽ اشته??ر ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.