اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته عالم ??ڳورا گذريل 14 سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان خدا ۽ ان جي رسول ﷺ جو پيغام عوام تائين پهچائي رهيا آهن، اسلام جي بقا منبر ۽ محراب سان ڳنڍيل آهي، اهم سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ۽ موضوعن تي عوام جي رهنمائي عالم ??ڳورن جو فرض آهي، عالم ??ڳورا، ميڊيا، سول سوسائٽي، حڪومت ۽ خاص طور تي اين سي او سي جي جامع پاليسي جي نتيجي ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو بهتر مقابلو ڪ??و آهي، ڪورو??ا وائرس جهڙي وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قرآني تعليم کان عوام جي آگاهي عالمن جو فرض آهي. منبر ۽ محراب تان بهترين ڳالهين جي تلقين جي ضرورت آهي، ڪورو??ا ويڪسين جي تياري ۽ ان ۾ شامل جزن جي باري ۾ عالم ??ڳورا مطئمن آهن، هن پاڻ به ويڪسين لڳرائي آهي ۽ 4 جون 2021ع جي جمعي جي خطبن ۾ ڪورو??ا وائرس ??ي وبا کان تحفظ لاءِ ويڪسين جي اهميت ۽ ضرورت جي باري ۾ عوام کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي عالم ??ڳورن ??ي ويڊيو لنڪ جي ذريعي منعقد اجلاس ۾ ڪورو??ا ويڪسين جي اهميت ۽ ان جي باري ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان محراب ۽ منبر جي ڪردار جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي.