اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنال??جي زونز اٿارٽي غير ملڪي سيڙپڪارن، ملڪي ڪمپنين ۽ تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي ته جيئن اهي انفارميشن ٽيڪنال??جي مان پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جو سبب بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ٽيڪنال??جي زونز اٿارٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان اٿارٽي سان پاڪستان ۾ قومي انوويشن سسٽم جي فروغ ۾ مدد ملندي، ان اٿارٽي ج?? خصوصي اختيار ملڪ ?? خصوصي ٽيڪنال??جي زونز جي قيام ۾ اهم قائداڻو ڪردار هوندو، اهي زونز پاڪستان جي هاءِ ٽيڪ برآمدات ۾ اضافو ۽ دنيا جي وڏي سائنس ۽ ٽيڪنال??جي مرڪز کان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو سبب هوندا. وزيراعظم چيو ته انهن زونز جي ذريعي جامع ڪوششون ۽ جامع قومي ترقي ۽ پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي استعمال ۾ مدد ملندي.