اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسمگلنگ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي رهيو آهي، اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ترين قدم کن??ا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو ??فا??ي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر، وزيراعظم ج?? روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.