اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورون?? وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 498 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 218 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 155، پنجاب ۾ 8 هزار 725، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 285، اسلام آباد ۾ 2 هزار 844، بلوچستان ۾ 807، گلگت بلتستان ۾ 301، آز??د ڪشمير ۾ 101 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تع??اد 2 لک 82 هزار 268ٿي چڪو آهي، آز??د ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽي ليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض ??هن?? هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تع??اد 8 هزار 909 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تع??اد 2 لک 97 هزار 512 آهي جنهن مان آز??د ڪشمير ۾ 2 هزار 306، بلوچستان ۾ 13 هزار 45، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 948، اسلام آباد ۾ 15 هزار 714، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 414، پنجاب ۾ 97 هزار 44 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 41 مريض آهن.