اسلام ??باد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي قانونن تحت پا??ستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ڪڌي ۽ انتهائي قابل ??ذم?? حرڪت آهي، ڀارت خطي ۾ پنهنجي سمورن پا??يسرين جي خلاف جارحيت جو ڏوهاري آهي، عالمي برادري ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺندي سفارتي ۽ عالمي قانونن جي منافي رويي تي ڀارت جو گهيراءُ ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي متعصباڻي ۽ پرتشدد قدمن جو نشانو بڻائيندڙ آر ايس ايس بي جي پي حڪومت نئين دهلي ۾ پا??ستاني هاءِ ڪميشن جي عملي تي بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي مهم شروع ڪري چڪي آهي، عالمي قانونن تحت پا??ستاني هاءِ ڪميشن کي پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ناپاڪ ۽ انتهائي قابل ??ذم?? حرڪت آهي.