اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالتي فيصلي، مريم نواز کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ان عزم جو ????ها?? ڪيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي ۽ قانون جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿ??نه??ن آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي سگهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، آرمي چيف جي توسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معاملي تي اپيل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو ????ها?? وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيند?? ڪيو.