اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ جي چونڊ سڌارن تي ڳالهين کان فرار انتهائي افسوسناڪ ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اهو چوڻ ته سڌارن جو عمل پارل??ام??نٽ بدران اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي ظاهر ڪري ٿو ته انهن کي نظام جي سمجهه نه آهي ۽ ن?? ئي سڌارن ۾ ڪا دلچسپي، سدائين سازش سان اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ڇو سڌارن جي ڳالهه ڪندي؟