اسلام آب??د ?? 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته هنن اسان جي مخالفت ڪئي، انهن جي پريس ڪانفرنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي ته ڪٿي اهي ماڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُهي کٽي ويا، ان وقت کين اص??لن جي سياست ياد نه آئي، جيڪ?? اليڪشن انهن جي پسند جي هجي ته ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوندو آهي اتي اص??لي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو ووٽ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان ضايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان جو اميدو??ر هارايو. ڇانگامانگا کان هنن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته ??يڪ?? اڄ تائين جاري آهي، اڃان به ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان جي ماڻهن سان به ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.