اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورو??ا جي 659 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 7 مريض اسپتال?? ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 33 هزار 901 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 687، پنجاب ۾ 11 هزار 678، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 330، اسلام آباد ۾ 4 هزار 985 ، بلوچستان هڪ هزار 29 ، گلگت بلتستان ۾ 518، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ??لڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 835 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 74 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 421 آهي. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 877 آهي.