اسل??م آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ۽ اقليت گروهن جي خلاف دهشتگردي جو راڄ مڙهيو آهي، آسٽريا ۽ سوئيڊن لاءِ نامزد سفير ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالي?? کي اجاگر ڪن. پاڪستان هري پور ۾ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام ۾ آسٽريا جي تعاون جي آجيا?? ڪري ٿو. پاڪستان سوئيڊن سان پنهنجي لاڳاپ?? کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سوئيڊن سان گڏيل تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا ۾ نامزد پاڪستاني سفير آفتاب احمد کوکر ۽ سوئيڊن ۾ نامزد پاڪستاني سفير ظهور احمد سان ڌار ڌار ملاقاتن دوران ڪيو.