ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اسڪائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽس ٻا??ن کي روايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي کان به روشناس ڪرايو وڃي، اسڪولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻا??ن کي به شامل ڪريو، اسڪائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ ??دفن ۾ اسڪائوٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، اسڪائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ ??ڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌي??ن ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪو??ش ڪئي پئي وڃي، اسڪائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳالهائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.