اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪا??و چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمير مان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خو??مختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته پا??ستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پا??ستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخر?? منزل ڪشمير بڻجندو پا??ستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو ويو آهي.