اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪرونا وبا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تبديرن تي ??مل ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو، لاڪ ڊ??ئو?? ۾ زرعي شعبي کي مڪمل ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، 14 اپريل تي تعميراتي ??عبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اڄ خميس کان احساس پروگرام جي امدادي پروگرام تحت 12 ه??ار رپيا في خاندان امداد ڏني ويندي، سڄي ملڪ ۾ 17 ه??ار جاين تان عوام کي رقم ڏني ويندي، پهرين مرحلي ۾ 23 لک خاندانن کي امدادي رقم ڏني ويندي، امدادي رقم جي فراهمي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ايندڙ اڍائي هفتن تائين 144 ارب رپيا ورهايا ويندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جو حصو بڻجن، اها ٽائيگر فورس غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا جي صورتحال جي ڏس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.