اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀا??ت ۾ بيههِ جهڙي طرح پاڪستان جي واکاڻ ڪئي آهي ان سان ڀا??ت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بري طرح شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ڀا??ت پنهنجي ئي لڳايل نفرت جي باهه ۾ بري طرح سڙي رهيو آهي. نجي ٽي??ي وي??ن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀا??تي وزيراعظم نريندر مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، ڀا??ت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا ??ي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چهري کي داغدار ڪري ڇڏ??و آهي.