اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتري طرف گامزن آهن، سيڙپڪار مختلف شعبن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، رپئي جي قدر بهتر ٿي رهي آ??ي، روانگي واپار وڌي رهيو آ??ي، نئون پاڪستان پراڻن ۽ روايتي طريقن سان نه ٿو هلائي سگهجي، نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موق??ا پيدا ڪرڻ ۽ غربت جو خاتمو اسان جو مشن آ??ي، سي پيڪ گيم چينجر ثابت ٿيندو، سو?? سرونٽس جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ سو?? سروس کي ماضي وانگر فعال بڻائ?? جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، سو?? سرونٽس عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ محنت ڪري ۽ مسئلن جو حل ڪڍي، سول روس ريفارمز کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمورين وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو.