اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۾ پولي?? ور??رز جي ٽيم تي دهشتگردن جي فائرن?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪري پوءِ ئي ساهه کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم ٽانڪ ۾ پولي?? ور??رز جي ٽيم تي دهشتگردن جي فائرن?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ اعظم ڪچي آبادي ۾ سپاهي پير رحمان ۽ سپاهي نثار خان جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف پوليس اهم قربانيون ڏنيون آهن. شهيدن کي سلام پيش ڪيون ??ا. وزيراعظم چيو ته پولي?? ور??رز تي حملو ڪندڙ قوم جي ٻارن کي معذور بڻائڻ چاهين ٿا. قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.