ڪوئيٽا – 04 – آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي ترقي بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين شيران چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ جارحيت جي خلاف 5 آگسٽ تي بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو، 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ صدارتي ??ڪم??امي تحت مودي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي شقن کي منسوخ ڪرڻ جو قدم کنيو، جنهن ڀارتي والاريل ڪشمير کي هندستاني رياستن جي ٻين رهواسين جي مقابلي ۾ جدا جدا قانونن تحت شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ بنيادي حقن تحت خصوصي حيثيت ڏني هئي، ڀارتي والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت منسوخ ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ جي ٻن مرڪزي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورڇ ڪرڻ جو ڀارتي قدم تڪراري علائقن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ بلوچستان بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين ??3يران چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪيو ۽ ڪشميرين تي ظلم جو هڪ نئون دور شروع ڪيو، هندستان جي آئين ۾ ڪشمير تي ٻه بنيادي آرٽيڪل شامل هئا، آرٽيڪل 370 جيڪو والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيندو هو ۽ آرٽيڪل 35 اي تحت اهو واضح ڪيو ويو هو ته ڪير والاريل ڪشمير جو مستقل شهري آهي ۽ ڪير زمين خريد ڪر?? سگهي ٿو، ان کي ختم ڪرڻ کانپوءِ کان هيستائي?? اتي بدترين ظلم شروع ٿي ويا، ڪشميري عوام ٻاهرئين دنيا سان ڪٽجي وئي ۽ واديءَ کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو، ڪشميرين تي ظلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهي.