سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ويندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هيڊڪوارٽر ارشد احمد وٽو جي صدارت ۾ س??دس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ جمعته المبا??ڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳ?? هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي، ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳ?? آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ س??مينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌندا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ڊي پي او ??وڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندني ??وڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان مذمتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ ??ه شاگردن کي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان آگاهي جي لاءِ خصوصي پروگرامز منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ س??ورن لاڳاپيل کاتن کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.