اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئناڊا سان ??اپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا ۽ خاص طو?? تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ??تي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگال?? تي ٻڌل ڊگهي مدي وار?? حصيدار?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طو?? تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوب?? تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معامل?? تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادر?? تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان ??سئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان ??ان ??وڪليل امدادي سامان کان ??ڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ??لهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طو?? تي ڪئناڊا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڪئناڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان ??اڪستان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.