اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سا?? همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزير??عظ?? ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سا??ا انعم، 8 سا??ا احسن ۽ 11 سا??ا احمد حسن جي گهرڀاتين سا?? دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سا?? نه ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ??ئي رهنداسين. وزير??عظ?? چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شهادت اسان جي فوج جي شاندار روايت آهي، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آهي. وزير??عظ?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.