اسلام آبا?? – 12 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين پاڪستان جي خلاف ڪو ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، جمهوريت ۽ ملڪ پاڪستان جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيام جي تجويز تي ??ئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اٿاريل نقطي تي ??ولنگ ڏيندي اسپيڪر چيو ته آئين پاڪستان جي سربلندي، عزت توقير ۽ تڪريم هر اداري ۽ فرد تي لازمي آهي، ان سان جڙيل ره?? بنيادي شرط آهي. آئين پاڪستان جي خلاف ڪو به ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، جمهوريت ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، ڪنهن شخص يا اداري کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو آئين سان کيڏي، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيام جي تجويز تي ??ئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو.