اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪ??ر عارف علوي، آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيدالفطر جي مب??رڪ??اد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪ??ر عارف علوي کي ٽيليفون ڪئي، کيس عيدالفطر جي مب??رڪ??اد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي ٽيليفون ڪئي ۽ اهل ڄمون ۽ ??شم??ر کي عيد جي مب??رڪ??اد ڏني. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ڪئي. هن ??شم??رين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي مب??رڪ??اد ڏني. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ٽيليفون ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري وزيراعظم جي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيد جي مب??رڪ??اد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ عيد جي مب??رڪ??اد ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم کي مب??رڪ??اد ڏني ۽ ٽيليفون ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مب??رڪ??اد ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مب??رڪ??اد ڏني. وزيراعظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مب??رڪ??اد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مب??رڪ??اد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد جي مب??رڪ??اد ڏني. وزيراعظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.