اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏائيندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ جڏهن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عم??ان خان فسطائيت ۽ آئين شڪ??ي ڇڏي، پارليامينٽ کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي يرغمال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته عم??ان ??اح?? سازش جا ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي ٿو، آئين شڪن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀلي پوري پي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حمزه شهباز حلف ضرور کڻندو.