اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) ليبيا جي مستقل نمائندي جي سربراهي ۾ وفد اسلام تعاون ??نظيم جي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي 48 هين ا??لاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي ويو. فائوزي محمد منظر ڪبارا جي سربراهي ۾ اهو وفد اسلام آباد پهتو جتي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن سندس والهاڻو استقبال ڪيو. ان کانسواءِ سوئيڊن، چ??ڊ، ايس اي ايس آر آءِ سي، آءِ پي ايڇ آر سي، آءِ سي ڊي ٽي ۽ آءِ آر سي آءِ سي اي جا وفد به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويا.