اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مذهبن جي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ٻڌمت سميت عظيم تهذيبن جي قديم آثارن جو مرڪز آهي، مذهبي سياح?? جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ آثار قديمه جهڙي اهم قومي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سماجي ۽ بين المذاهب هم آ??نگي جي فروغ بابت عالمي ڪانفرنس ۽ آ??ٽ فيسٽيول: پاڪستان ۾ ٻڌم?? جي تاريخ، آثار قديمه، فن ۽ فن تعمير“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري غزاله سيفي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي ۽ پرنس ميان گل عد??ان به خطاب ڪيو. صدر ٻڌم?? جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته پرامن گڏيل بقاءَ لاءِ دنيا ۾ بين المذاهب هم آ??نگي جي ضرورت آهي، ان حوالي سان پاڪستان ۾ موثر قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان عظيم قديمي تهذيبن جو مرڪز آهي جڏهن ته هتي مختلف مذهبن جا تاريخي مقدس ماڳ به موجود آهن اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ مذهبي سياح?? جي فروغ جا به وسيع امڪان موجود آهن. صدر مختلف مذهبن جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مذهب ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو هڪ ذريعو آهي جيڪو انسان کي امن ۽ آشتي جو درس ڏي ٿو، هن چيو ته انساني?? جي بقاءُ امن سان واڳيل آهي اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان سدائين امن جي ڳالهه ڪندو آهي. ان موقعي تي صدر آثار قديمه کي اهم قومي ورثو قرار ڏيندي ان جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ان کان اڳ پارلياماني سيڪريٽري غزاله سيفي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان مذهبي سياح?? جي فروغ لاءِ پرعزم آ??ي، اسان جو ملڪ مضبوط ?? خوبصورت تاريخي ثقافتي ورثو رکندڙ آهي ۽ مڪمل مذهبي هم آ??نگي تي يقين رکي ٿو. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد علي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هي پنهنجي نوعي?? جي پهرين ڪانفرنس آهي ۽ اڳتي سالياني بنيادن تي ان کي منعقد ڪيو ويندو، ٻڌ مت کانپوءِ سک ازم، عيسائيت ۽ هندوازم تي به ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪانفرنسون معاشري ۾ برداشت ۽ مذهبي هم آ??نگي جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿينديون جڏهن ته ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو. ان موقعي تي پرنس ميان گل عد??ان پاڪستان ۾ ٻڌم?? جي آثار قديمه بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگمه ثمينه علوي، ٿائيلينڊ، نيپال، سريلنڪا، جاپان، ملائيشيا ۽ ڪوريا جي سفارتڪارن، غير ملڪي ٻڌ ڀڪشوئن کانسواءِ تعليمي ماهر، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ ٻيون شخصيتون به موجود هيون. سماجي ۽ بين المذاهب هم آ??نگي جي فروغ بابت عالمي ڪانفرنس ۽ آ??ٽ فيسٽيول: پاڪستان ۾ ٻڌم?? جي تاريخ، آثار قديمه، فن ۽ فن تعمير ۾ 50 مقررين خطاب ڪندا جڏهن ته 30 عالمي تحقيقي مقاله پيش ڪيا ويندا.