اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ??ان??و جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف، ليفٽيننٽ جنرل اس??اب??ي اسيندافال پرڏي??ي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏي??ي وزسير چيو ته براعظم آفريقه ۾ جمهوريه ??ان??و کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏي??ي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران جمهوريه ??ان??و جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ??ان??و ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏي??ي وزير جمهوريه ??ان??و جي پرڏي??ي وزير ڪرسٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ??ان??و جي ڪردار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي مشن تحت جمهوريه ??ان??و ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهوريه ??ان??و جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اس??اب??ي اسيندافال ??ان??و ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.