اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانست??ن تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي افغانستا?? جي زميني حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ افغان ن??ائ??دا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته اير??ن تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستا?? جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏ??ندا. هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پئسا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستا?? جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.