اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوا??ن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ ??يص?? مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروباري مهم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏينهن واري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگردن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهارن جي مقابلن ۽ ڪاروباري منصوبن جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آه?? جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ نوجوا??ن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيد?? ڪري سگ??جن. هن ٻڌايو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اعليٰ تعليم جي سهولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگ??جي.