لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پنجاب ۾ جاري فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر پنجاب حڪومت جي فلاحي منصوبن جي واکاڻ ڪئي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار صدر ??ي ڊينگي جي پکيڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن ک??ن آگاهه ڪيو. صدر پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اطمينان جو اظها?? ڪيو.