اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو جي خا??مي لاءِ صوبائي ۽ ضل??ي حڪومتن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهچندڙ پوليو ورڪرز قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز جي لاءِ انعام ڏيڻ جو ??لان جوڙيو وڃي، اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خا??مو ڪرڻو آهي، ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کي نظر ۾ رکندي ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي روڪٿام جي مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو ??ومي صحت وارو خا?? مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ اعليٰ عهديدار شريڪ هئا. جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ 30 کان وڌيڪ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي ادارن حڪومت پاڪستان جي ڪورونا ۽ پوليو کان بچاءُ لاءِ موثر قدمن کي ساراهيو آهي. خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن، بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ۽ پشين ۽ سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گدلي پاڻي جي ذريعي پوليو جي پکيڙ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم صوبائي ۽ ضل??ي حڪومتن جي پوليو جي خا??مي لاءِ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز جيڪي ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهتا آهن قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ هو خصوصي تعريف جا مستحق آهن، هن هدايت ڪئي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز لاءِ انعام ڏيڻ جو ??روگرام جوڙيو وڃي. چيف سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو جي خا??مي جي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته گهٽ منتقلي وارا سيزن پوليو وائرس جي خا??مي لاءِ موزون ترين وقت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خا??مو ڪرڻو آهي، ضلعي انتظاميه پوليو ورڪرز کي هراسان ڪرڻ يا انهن جي حملن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي ذميداري وٺي، ٻارن کي ڪيت??ن ئي مرضن کان بچاءُ لاءِ ٽڪن جي عمومي مهم ۽ پوليو جي خا??مي جي مهم کي گڏوگڏ هلايو وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي پيش نظر ڪورونا جي خلاف ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ وڌايو وڃي.