اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تع??ون سدائين مثبت نتيجا رک??دڙ رهيو آهي، پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪ??ر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، اق??صا??ي تع??ون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ تعمير لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تع??ون سدائين مثبت نتيجا ڏي??دڙ رهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل پاڪستان جي اڀر??دڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، پرڏيهي وزي?? چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ٿي??دڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪ??ر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.